پنڊ پاهڻ

پنڊ پاهڻ

پنڊ پاهڻ

پنڊ پاهڻ (Fossil): وڻ ٽڻ، ٻوٽا ۽ ساهوارا هزارين سالن بعد پٿرائبار يعني پنڊ پهڻ (Fossilisd) ٿي ويندا آهن. پنڊ پاهڻ ٿيڻ لاءِ عمر يا وقت مقرر نه آهي، پر ان جو مدار زميني ۽ ماحولياتي حالتن تي هوندو آهي. بهرحال پنڊ پاهڻ ڪروڙن سالن جا به آهن، پر گهٽ ۾ گهٽ ان لاءِ ڏهه هزار سال عرصو درڪار هجي ٿو. هزارين سال اڳ مري ويل ٻوٽا يا ساهوارا، جيڪي ڳرڻ کان ٿورا يا سڄا بچي ويندا آهن، سي گهڻي وقت کان پوءِ پنڊ پاهڻ ٿي ڌرتيءَ جو حصو ٿيو وڃن. اهڙيءَ ريت هي نامياتي اسمن جي سانڍ جو طبعي عمل آهي. انهن اسمن جا حياتيءَ ۾ ڇڏيل ڍانچا يا نشان جيڪي پنڊ پهڻ جي صورت وٺن ٿا، تن کي Trace Fossils سنگولي نشان/ اهڃاڻ چيو وڃي ٿو.
پنڊ پاهڻ ٿيڻ لاءِ اسم جو ڪنهن پاڻياٺي گيرٽ (Sediment) ۾ پورجي وڃڻ ضروري آهي. ان کان پوءِ ان ۾ ڪيميائي تبديلي واقع ٿيندي آهي ۽ ان مان معدنيات نڪرڻ يا داخل ٿيڻ جو عمل شروع ٿيندو آهي.
پنڊ پاهڻي عمل ڪئين ٿئي ٿو؟ هن عمل جو مدار ڪيترن مادي حالتن جي سلسلي تي آهي. ان لحاظ کان اڪثر غير معمولي حالتن کي ڇڏي گهڻو ڪري اسم جو پڃرو يا سخت ڀاڱا پٿرائبا آهن. اهو اڪثر تڏهن ٿيندو آهي. جڏهن ڪو نامياتي اسم پنهنجون ڀرواريون حالتون بدلائي سگهندو آهي ۽ پنهنجي اندر معدني لوڻ جي ميلاپ ٿيڻ ۾ مدد يا اضافو ڪرڻ ۾ حـصــو وٺـنـدو آهـي. جـڏهن ائيـن ٿيـندو آهـي ته پـوءِ Mineralization واري حالت پيدا ٿيندي. اهــا ڪيميائي تبديلي پٿرايل جسم کي وڌيڪ سخت ٿيڻ ۾ مدد ڪـندي آهي ۽ اهو ڀر واري گيرٽ کان وڌيڪ سخت ٿي پوندو آهي. هيءَ پٿـرائجـڻ جي ٻي صورت آهي، جنهن ۾ سڄو جسم به پٿرائجي سگهي ٿو.
اهڙي طبعي طريقي کان سواءِ به ڪي حالتون آهن، جن ۾ ڪو نامياتي اسم/ جسم محفوظ رهي سگهي ٿو. هي ٽينَ صورت آهي، جنهن ۾ جسم خود پٿرائجڻ بجاءِ جيئن جو تيئن به محفوظ ٿي سگهي ٿو. مثال طور:
(1) ڌُنڌ/ڪوهيڙي (Amber) جي گهيري ۾ اچي وڃي،
(2) بالو وارجڻ (Silicification): هيءُ به پٿرائجڻ جو هڪ نمونو آهي.
(3) Phosphatization فاسفورس جي مواد ۾ گهيرجڻ.
(4) Mummification مميائڻ، خاص مصالحن لڳائڻ سان.
(5) Freezing شين جو برفائڻ، برفجي ڄمڻ.
(6) Tarsand embalming ڏامر جو مکُ.
(7) Lime Stone encasing چن جي پٿر جو تهه چڙهڻ.
(8) Pyritization آتشي فولاد ۾ گهيرجڻ (آرسينڪ يا سلفر مليل معدنيات) وغيره ڪنهن جاندار جي جسم کي پنڊ پاهڻ بنائڻ جو سبب بنجن ٿا، جنهن ۾ اهو جسم جئين جو تيئن جاندار مان ڦري پنڊ پاهڻ پٿر ٿي وڃي ٿو.


لفظ پنڊ پاهڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو